ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر اداڪارا ۽ ماڊل تبسم فاطما هاشمي عرف تبو پنهنجي فلمي ڪيريئر بابت راز ٻڌائي ڇڏيو آهي ته کيس ڇو ڪاسٽ ڪيو ويندو آهي.
سندس هڪ وڊيو انٽرنيٽ تي گردش ۾ آهي جتي هو سوالن جا جواب ڏئي ٿي.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مون کي فلمن ۾ ڇنڊ پٽڻ لاءِ ڪاسٽ ڪيو ويندو آهي، اوهان منهنجون تازيون فلمون ڏسي وٺو، اوهان کي خبر پئجي ويندي، سڀني کان مان يا ته ڇنڊ پٽي رهي آهيان يا دڙڪا ۽ گاريون ڏئي رهي آهيان.