نيب ڪرپشن جي الزام ۾ پنهنجي ئي آفيسر کي گرفتار ڪري ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيب ڪراچي مان ڪرپشن جي الزام ۾ پنهنجي ئي آفيسر کي گرفتار ڪري ورتو.
ذريعن موجب ڪراچي ۽ اسلام آباد جي نيب اختيارين گڏيل ڪارروائي ڪندي ڊپٽي ڊائريڪٽر نيب عمران شيخ کي ڪرپشن ۾ ملوث جوابدارن کان رشوت وٺڻ جي ڏوهه ۾ ڪراچي مان گرفتار ڪيو.
نيب آفيسر تي چيڪن جي صورت ۾ رشوت وٺڻ جو الزام آهي ۽ هو ڪيترائي چيڪ ڪيش به ڪرائي چڪو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب گرفتار آفيسر کي اسلام آباد منتقل ڪرڻ لاءِ هڪ ڏينهن جو راهداري رمانڊ حاصل ڪري ورتو آهي.
ذريعن موجب گرفتار ڊپٽي ڊائريڪٽر نيب عمران شيخ کي سڀاڻي اسلام آباد منتقل ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.