حيدرآباد – سکر موٽروي معاهدو ختم، ڪم نه ٿيندو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نگران وفاقي حڪومت پنهنجي دور جي آخري ڏينهن ۾ سکر، موٽروي جي اڏاوت وارو معاهدو ختم ڪري ڇڏيو هو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته 306 ڪلوميٽر ڊگهو ايم سڪس ڪراچي کان پشاور موٽروي منصوبي جو آخري حصو آهي، جيڪو اڃا ٺهڻو آهي پر اهو معاهدو ختم ڪيو ويو ڇو ته ٺيڪيدار پاران منصوبي جي واڌو لاڳت سبب معاملا مسئلن جو شڪار ٿيا.

معاهدو ختم ٿيڻ کانپوءِ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ڪل لاڳت جي ڪاٿي ۾ 400 ارب جي واڌ ڪئي آهي جنهن کانپوءِ ڪل لاڳت 700 ارب تائين وڃي پهتي آهي.

ٻئي پاسي معاهدو رد ٿيڻ سان سيڙپڪاري جي ڪوششن کي به ڌڪ لڳو آهي جڏهن ته سيڙپڪارن جو اعتماد به ٽٽو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.