گيس تي ماني سيڪڻ وارا خبردار!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گهڻا ماڻهو گهر دير سان وڃي گيس تي ماني سيڪي کائيندا آهن يا گهڻن ماڻهن سان ٻي مجبوري هوندي آهي جنهن سبب کين ماني گرم ڪرڻي پوندي آهي.

ماني گرم ڪرڻ جو اهو طريقو عام آهي ته گيس جو چلهو ٻاري ان تي ماني سيڪي کاڌي ويندي آهي پر ائين ڪرڻ صحت لاءِ ٺيڪ نه آهي.

تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون اچي چڪي آهي ته گيس ۾ ڪاربن مونو آڪسائيڊ سان گڏوگڏ گدلاڻ به هوندي آهي ۽ گيس تي سڌي ريت ماني سيڪڻ سان ساهه جي مسئلن سميت ٻيا مسئلا ٿي سگهن ٿا.

ان لاءِ چيو ويندو آهي ته ماني کي سدائين تئي تي سيڪيو وڃي يا پين ۾ گرم ڪرڻ به بهتر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.