عورتون به بهترين ڪاميڊي ڪري سگهن ٿيون: ڪريتي سينن

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا ڪريتي سينن چيو آهي ته عورتون به بهترين ڪاميڊي ڪري سگهن ٿيون.
پنهنجي نئين فلم “ڪريو“ جي ٽريلر لانچ جي موقعي تي خيالن جو اظهار ڪندي ڪريتي سينن چيو ته اسان اڪثر مردن سان گڏ ڪم ڪنديون آهيون پر عورتن سان گڏ ڪم ڪرڻ تازگي جو احساس پيدا ڪندو آهي.
هن چيو ته عورتون به تمام گهڻيون باصلاحيت آهن، هن فلم ۾ عورتن وچ ۾ سٺي هم آهنگي کي ڏيکاريو ويو آهي، جڏهن عورتن بابت ڪا فلم ايندي آهي ته سوچيو ويندو آهي اتي سنجيده هوندي يا وري مردن خلاف ڳالهايو ويندو.
سندس چوڻ هو ته هن فلم ۾ اهڙو ڪجهه به ناهي پر توهان ڏسندئو ته عورتون به ڪاميڊي ڪري سگهن ٿيون.
واضح رهي ته فلم ڪريو ۾ ڪريتي سان گڏ اداڪارا تبو ۽ ڪرينا ڪپور به مک ڪردار ۾ نظر اينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.