وفاق جو يوٽيليٽي اسٽورز تي لازمي سروس ايڪٽ لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت يوٽيليٽي اسٽورن ۾ لازمي سروس ايڪٽ لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
حڪومتي ذريعن موجب يوٽيليٽي اسٽورن ۾ لازمي سروس ايڪٽ تحت هڙتال، مظاهرن ۽ احتجاج تي پابندي هوندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته لازمي سروس ايڪٽ تحت يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن يونينز جي سرگرمين تي به پابندي هوندي.
حڪومتي ذريعن موجب لازمي سروس ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته فيصلي سان شهرين کي رمضان پيڪيج تحت شين جي بنا وقفي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي.
ذريعن موجب يوٽيليٽي اسٽورز يونينز مطالبن جي حق ۾ شٽر ڊائون هڙتال جو فيصلو ڪيو هو، اهو فيصلو رمضان پيڪيج لاڳو ڪرڻ جي موقعي تي ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.