سلطانز ملتانز جي اسپن ڪنسلٽنٽ به رانديگرن سان گڏ روزا رکڻ لڳي

ملتان سلطانز جي اسپن ڪنسلٽنٽ اليگزينڊرا هارٽلي رانديگرن جي روزا رکڻ مان متاثر ٿي پاڻ به روزا رکڻ شروع ڪري ڇڏيا.
پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ۾ اليگزينڊرا هارٽلي چيو ته مان به رمضان جا روزا رکي رهي آهيان، مان محسوس ڪرڻ چاهيان ٿي ته اهي ماڻهو روزا رکي شام جو ڪرڪيٽ ڪيئن کيڏندا آهن.
سندس چوڻ هو ته اسان 4 وڳي کاڌو کائيندا آهيون ۽ ان کانپوءِ سڄو ڏينهن بک تي هوندا آهيون، اسان شام جو روزو کوليندا آهيون، پوءِ سڀ نماز پڙهڻ ويندا آهن.
هن چيو ته روزو رکڻ ڏکيو ڪم آهي، مون کي اڃ جو احساس ٿيندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.