لاهور (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي آزاد حيثيت ۾ سينيٽ اليڪشن ۾ حصو وٺندو.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي پنجاب اسيمبلي آمد تي پنجاب اسيمبلي اسپيڪر ملڪ محمد احمد سندس آجيان ڪئي.
محسن نقوي سينيٽ اليڪشن لاءِ نامزدگي ڪاغذن تي صحيحون ڪيون، محسن نقوي سينيٽ اليڪشن لاءِ آزاد اميدوار جي حيثيت سان ٻن نامزدگي ڪاغذن تي صحيحون ڪيون.
ذريعن موجب محسن نقوي آزاد حيثيت سان سينيٽ چونڊن ۾ حصو وٺندو، ق ليگ جو شافع حسين ۽ ن ليگ جو خواجا عمران نذير سندس تائيد ڪندڙ آهن.
محسن نقوي جي ٻئي نامزدگي ڪاغذن ۾ پ پ جو علي حيدر گيلاني تجويز ڪندڙ آهي.
You might also like