آءِ جي سنڌ جي مقرري: سمري تي عمل روڪيو ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ رفعت مختيار جي جاءِ تي نئون آءِ جي مقرر ٿيڻ جا امڪان آهن جڏهن ته عيد کانپوءِ ان تي عملدرآمد ڪيو ويندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ جي سنڌ جي مقرري لاءِ اماڻيل سمري تي عملدرآمد روڪيو ويو آهي.

هڪ هفتو اڳ سنڌ سرڪار طرفان غلام نبي ميمڻ کي آءِ جي سنڌ مقرر ڪرڻ لاءِ وفاق کي سمري موڪلي وئي هئي جڏهن ته مشتاق مهر کانپوءِ فرحت جوڻيجو به آءِ جي سنڌ جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.