پهرين گهرواري جي اجازت بنا شادي ڪرڻ تي همراهه کي 7 مهينا قيد جي سزا

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي فيملي ڪورٽ پهرين گهرواري جي اجازت بنا ٻي شادي ڪندڙ شخص کي سزا ٻڌائي ڇڏي.
فيملي ڪورٽ لاهور جي جج عدنان لياقت درخواست تي فيصلو ٻڌايو، جنهن ۾ عدالت پهرين گهرواري جي اجازت بنا ٻي شادي ڪندڙ شخص کي 7 مهينا قيد ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي.
عدالت چيو ته مڙس پهرين گهرواري جي اجازت بنا ٻي شادي ڪئي، ٻي شادي لاءِ قانوني طور لکت اجازت وٺڻ ضروري آهي پر مڙس ٻي شادي کان اڳ پهرين گهرواري کان اجازت نه ورتي.
عدالتي فيصلي موجب جوابدار مسلم فيملي لا آرڊيننس جي سيڪشن 6 جي ڀڃڪڙي ڪئي، تنهن ڪري کيس 7 مهينا قيد جي سزا ڏني وڃي ٿي، جوابدار جيڪڏهن 5 لک رپيا ڏنڊ ادا نه ڪيو ته هڪ مهينو وڌيڪ قيد ڪاٽيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.