صحافي اسد طور جي ضمانت منظور، آزاد ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خاص عدالت صحافي اسد طور جي ادارن خلاف مهم هلائڻ جي ڪيس ۾ گرفتاري کانپوءِ ضمانت منظور ڪري ورتي ۽ کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
اسپيشل جج سينٽرل اسلام آباد همايون دلاور ادارن خلاف مهم هلائڻ جي ڪيس ۾ صحافي اسد طور جي گرفتاري کانپوءِ ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
اسد طور طرفان وڪيل ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا عدالت جي روبرو پيش ٿيا، جڏهن ته ايف آءِ اي اسپيشل پراسيڪيوٽر سيد اشفاق حسين شاهه به پيش ٿيو.
ڪيس جو جاچ آفيسر رڪارڊ سميت عدالت جي روبرو پيش ٿيو، وڪيل هادي علي چٺا سپريم ڪورٽ جي آبزرويشن عدالت ۾ جمع ڪرائي، جنهن تي عدالت جاچ آفيسر ۽ اسپيشل پراسيڪيوٽر ايف آءِ اي کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا اها آبزرويشن درست آهي؟
ايف آءِ اي اسپيشل پراسيڪيوٽر جواب ڏنو ته جي اها درست آهي، عدالت اسد طور جي گرفتاري کانپوءِ ضمانت منظور ڪري ورتي، اسپيشل جج 5 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪندي اسد طور کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
ايف آءِ اي اسپيشل پراسيڪيوٽر چيو ته کيس اسد طور جي ضمانت منظور ڪرڻ تي ڪو اعتراض ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.