ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ پلاسٽڪ جا ڪرنسي نوٽ جاري ڪرڻ بابت خبرن تي وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو.
اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ پلاسٽڪ جا نوٽ جاري ڪرڻ جي خبرن جي ترديد ڪئي وئي آهي.
مرڪزي بئنڪ گذريل ڪجهه ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي هلندڙ پلاسٽڪ نوٽ جاري ڪرڻ جي خبرن کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو ته نوٽن کي پوليمر (پلاسٽڪ نوٽ) ڪرڻ جو ڪو منصوبو يا تجويز غور هيٺ ناهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن جعلي ڪرنسي نوٽن جي روڪٿام لاءِ نوان پلاسٽڪ نوٽ جاري ڪرڻ ۽ ان حوالي سان آءِ ايم ايف وفد کي بريفنگ ڏيڻ جون خبرون به سامهون آيون هيون.
You might also like