ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پيپلزپارٽي اڳواڻ ۽ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سمورين جماعتن جو حق آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ اهي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائين پر پ پ 11 سيٽون کٽي ويندي.
پيپلزپارٽي اڳواڻ ۽ صوبائي وزير سعيد غني ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 2 اپريل تي فيصلو ٿي ويندو ته ڪنهن جو اميدوار کٽيندو.
سندس چوڻ هو ته 4 بيلٽ پيپرز ملندا ڪوشش ڪنداسين ته غلطي نه ٿئي، جيڪو سينيٽ ۾ ٿيو ان ۾ اسان جي هڪ ساٿيءَ کان غلطي ٿي هئي ، جڏهن ته چونڊن جي طريقيڪار تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي.
مڪاني کاتي واري وزير سعيد غني چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت سمورا وسيلا لڳائي ڇڏي تڏهن به ڪراچي جا مسئلا حل نه ٿيندا،پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي
سعيد غني وڌيڪ چيو ته آصف علي ززرداري سان گھڻا ماڻهو ملندا آهن ان جو مطلب اهو نه آهي ته اهي پارٽي ۾ آهن،ملاقات ڪرڻ سان اهو تاثر نه ملڻ گھرجي ته فيصل واوڊا پ پ ۾ آهي.
سندس چوڻ هو ته سياست ۾ ڳالهه ٻولهه ٿيندي آهي ۽ ٿيڻ به گھرجي، جڏهن ته في الحال ايم ڪيو ايم سان ڪا به ڳالهه نه ٿي آهي
سعيد غني وڌيڪ چيو ته ممڪن آهي ته اليڪشن کان اڳ ڪا ڳالهه ٻولهه ٿي وڃي،ڪا به حڪومت نه چاهيندي آهي ته ادارن ۾ ڪرپشن هجي.
هن چيو ته دنيا جي وڏن شهرن ۾ ڪراچي به شامل آهي،سموريون گھٽيون ۽ روڊ ٺيڪ ڪرڻ ممڪن نه آهي، جڏهن ته اسان گذريل دورن ۾ ڪراچي ۾ تمام گھڻو ڪم ڪيو آهي.
سعيد غني جو چوڻ هو ته اڃا به ڪراچي ۾ انفرا اسٽرڪچر جي بهتري جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.
You might also like