اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جو چيڪ پوسٽ تي آپگهاتي حملو، ٻه فوجي آفيسر ۽ پنج جوان شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي ۾ پاڪ فوج جا 5 جوان شهيد ٿي ويا، جوابي ڪارروائي ۾ 6 دهشتگرد به مارجي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردن مير علي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو پر سيڪيورٽي فورسز سندن ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.
آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن بارود سان ڀريل گاڏي چيڪ پوسٽ سان ٽڪرائي جنهن بعد ڪيترائي آپگهاتي ڌماڪا ٿيا، نتيجي ۾ عمارت جو هڪ حصو ڪري پيو.
جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ فوج ليفٽيننٽ ڪرنل ڪاشف جي اڳواڻي ۾ جوابي ڪارروائي ڪندي سمورن 6 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن جي حملي ۾ پاڪ فوج جا 5 جوان شهيد ٿي ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل سيد ڪاشف علي بهادري سان مقابلو ڪندي شهيد ٿي ويو، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ڪيپٽن محمد احمد بدر به شهادت ماڻي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.