سنڌ حڪومت جو منشيات خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تحت ڪارروائي جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ ايڪسائز کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته هر قسم جي منشيات خلاف زيرو ٽالرنس تحت ڪارروائي ڪئي وڃي.
ايڪسائز کاتي جو اعليٰ سطحي اجلاس سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ هن شرڪت ڪندڙن کي هدايت ڪئي ته منشيات خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تحت ڪارروائي ڪئي وڃي.
شرجيل ميمڻ ڪرسٽل، هيروئن، آئس، چرس، ڪچي شراب سميت هر قسم جي منشيات فوري طور بند ڪرڻ لاءِ سخت هدايتون جاري ڪيون.
اجلاس ۾ ايڪسائز سيڪريٽري عاطف الرحمان، ڊي جي ايڪسائز اورنگزيب پنهور، ڊويزنل ڊائريڪٽر ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.
سينيئر صوبائي وزير چيو ته ايڪسائز کاتي کي سنڌ حڪومت جي هدايتن ۽ هدفن موجب ٽيڪسن جي وصولي يقيني بڻائڻي آهي، حڪومت جيڪي هدف ڏنا آهن، اهي حاصل ڪرڻا پوندا، هر قسم جي منشيات خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي پاليسي تحت ڪم ڪرڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته آفيسر پنهنجي ڪارڪردگي بابت روز جي بنياد تي رپورٽ ڏين، کاتي جا لاڳاپيل ڊائريڪٽر پاڻ فيلڊ ۾ وڃن ۽ هدف حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائين، هدف حاصل ڪرڻ لاءِ هر آفيسر کي پرفارم ڪرڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.