حڪومت آءِ ايم ايف جو اين ايف سي فارمولي ۾ تبديلي جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان نيشنل فنانس ڪميشن (ايف ايف سي) ايوارڊ جي فارمولي ۾ تبديلي جو آءِ ايم ايف جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو.
حڪومتي ذريعن موجب آءِ ايم ايف اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن جي حصي تي نظرثاني جو مطالبو ڪيو هو.
حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته اين ايف سي فارمولي ۾ تبديلي جو آءِ ايم ايف جو مطالبو رد ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته اين ايف سي تي آئين خلاف ڪا تجويز منظور نه ڪئي ويندي.
ذريعن موجب وفاق جون اوڳاڙيون بهتر بڻائڻ لاءِ متبادل ذريعي ڳوليا ويندا، اين ايف سي تي ترميمن جو مطالبو آءِ ايم ايف اڳ به ڪندو رهيو آهي، اين ايف سي تحت صوبن جو حصو گهٽ نٿو ٿي سگهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اين ايف سي جي خرچن ۾ وفاق ۽ صوبي گڏجي نئين حڪمت عملي جوڙي سگهن ٿا، وفاق ۽ صوبن ۾ بجلي نقصان گڏيل طور تي برداشت ڪرڻ جي حڪمت عملي جوڙي سگهجي ٿي، سيڪيورٽي بابت خرچن تي به گڏيل حڪمت عملي ٺاهي سگهجي ٿي.
حڪومتي ذريعن موجب بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي خرچن تي به گڏيل حڪمت عملي ٺاهي سگهجي ٿي.
واضح رهي ته آءِ ايم ايف جو وفد اسٽينڊ باءِ ايگريمينٽ تحت 1.1 ارب ڊالرن جي ٽين قسط جاري ڪرڻ کان اڳ جائزي لاءِ پاڪستان ۾ موجود آهي ۽ پاڪستاني اختيارين سان ڳالهيون جاري آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.