اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ٻن ڏينهن دوران پوليو وائرس جو ٻيو ڪيس سامهون اچي ويو.
چمن سان واسطو رکندڙ سوا 4 ورهين جو ٻار پوليو وائرس سان معذور ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي.
گذريل ڏينهن ڊيرا بگٽي ۾ اڍائي سالن جو ٻار پوليو وائرس سان معذور ٿيڻ جي تصديق ٿي هئي.
هلندڙ سال پاڪستان ۾ سامهون ايندڙ پوليو ڪيسن جو انگ ٻه ٿي ويو آهي.
واضح رهي ته ملڪ جي مختلف علائقن مان حاصل ڪيل ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي موجودگي جي تصديق ٿي آهي.
Next Post
You might also like