مريم نواز جي سرڪاري گاڏي جا ٽائر تبديل ڪرڻ لاءِ پوڻا 3 ڪروڙ رپيا طلب

لاهور(م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جي سرڪاري گاڏي جا ٽائر تبديل ڪرڻ لاءِ ناڻي کاتي کان 2 ڪروڙ 73 لک رپين جي درخواست ڪئي وئي آهي.ان حوالي سان پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير عظميٰ بخاري جيو پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته سرڪاري گاڏي لاءِ گرانٽ گهرڻ معمول جي ڳالهه آهي، مريم نواز کي ٽائر تبديل ڪرڻ لاءِ قائل ڪرڻو پيو، سفر دوران هڪ ڀيرو ٽائر فٽ ٿي ويو.عظميٰ بخاري چيو ته انسپيڪشن دوران معلوم ٿيو ته ٽائر آخري ڀيرو آڪٽوبر 2022 ۾ تبديل ڪيا ويا هئا، ان وقت ان جي قيمت 2 ڪروڙ 34 لک رپيا هئي.مخالفن وٽ چوڻ لاءِ ڪجهه ناهي ته انهن ٽائرن تي واويلا شروع ڪري ڇڏي، وزيراعليٰ پنجاب جي هيليڪاپٽر جي استعمال بابت عظميٰ بخاري چيو ته اهو رڳو هڪ ڏينهن لاءِ هو، اهو به سيڪيورٽي معاملن ۾ روٽين جي تبديلي لاءِ ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.