ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي حڪومت فحش مواد وارا ڪيترائي او ٽي ٽي پليٽ فارمز، ويب سائيٽس ۽ اپيس بند ڪري ڇڏيون.
رپورٽ موجب ڀارت جي مرڪزي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت فحش مواد نشر ڪندڙ 18 او ٽي ٽي پليٽ فارمز، 19 ويب سائيٽس ۽ 10 اپيس تي پابندي مڙهي ڇڏي.
اهو قدم سوشل ميڊيا ۽ او ٽي ٽي پليٽ فارمز تي فحش مواد ۾ لاڳيتو واڌ کي نظر ۾ رکندي کنيو ويو، ان کان اڳ به مرڪزي حڪومت ڪيترائي ڀيرا ضابطن جي ڀڃڪڙي تي او ٽي ٽي پليٽ فارمز، ويب سائيٽس ۽ يوٽيوب چينلز تي پابندي مڙهي هئي.
Prev Post
You might also like