ڪي ايم سي ۾ 950 گوسڙو ملازم هجڻ جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ۾ 950 گوسڙو ملازم هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي جڏهن ته هڪ سڃاڻپ ڪارڊ تي ٻن کاتن مان پگهارون وٺندڙ 200 ملازمن جا نالا به ظاهر ٿيا آهن.

سنڌ جي مڪاني کاتن واري وزير سعيد غني ڪلڪ اينڊ سوئپ جي آفيس جو اوچتو دورو ڪيو، جتي کيس ڪلڪ تحت منصوبن، مڪاني ملازمن جي ويريفڪيشن تي بريفنگ ڏني وئي.

بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ڪي ايم سي سميت ڪراچي جي 12 ٽائونز جي ملازمن جي ويريفڪيشن ٿي وئي آهي، ۽ مجموعي طور تي ڪي ايم سي ۾ 950 گوسڙو ملازمن جي نشاندهي ٿي آهي.

کيس ٻڌايو ويو ته جاچ دوران هڪ سڃاڻپ ڪارڊ تي ٻن کاتن مان پگهارون کڻندڙ 200 ملازمن جي به نشاندهي ٿي آهي جڏهن ته 12 ٽائونز ۾ به 35 گوسڙو ملازمن جي نشاندهي ٿي آهي.

مڪاني کاتن واري وزير سڀني ٽائونز کي هدايت ڪئي ته يو سي جي سطح تي به ملازمن جي ويريفڪيشن ڪئي وڃي ۽ ويريفڪيشن کانپوءِ ملازمن جي حاضري کي بائيو ميٽرڪ ڪيو وڃي.

سعيد عني وڌيڪ چيو ته ملازمن جي پگهارن کي سڌي ريت سندن اڪائونٽ ۾ موڪليو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.