محبت جي ڳولا ۾ آهيان: ماورا حسين

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ماورا حسين چيو آهي ته اهڙي محبت جي ڳولا ۾ آهيان جيڪا سولي هجي.
اداڪارا ماورا حسين اداڪار دانيا ظفر سان گڏ ويب شو ۾ شرڪت ڪئي جتي هن ميزبان پاران پڇيل مختلف سوالن جا جواب ڏنا.
اداڪارا ٻڌايو ته في الحال ڪنهن سان به محبت جي رشتي ۾ نه آهيان ڇو جو آئون اهڙي محبت جي ڳولا ۾ آهيان جيڪا سولي هجي، سولي جو مطلب اهو نه آهي ته آئون محبت ۾ سست ٿيڻ چاهيان پئي پر لاڳاپا سولا هجڻ گھرجن.
هن چيو ته اسان پنهنجي لاءِ ماءُ، پيءُ، ڀينرن ۽ ڀائرن جي چونڊ نه ڪندا آهيون جيڪڏهن اسان کي انهن رشتن ۾ پريشانين کي منهن ڏيڻو پوي ته اسان پاڻ کي ذميوار قرار نه ڏيندا آهيون ۽ نه ئي ناشڪري ڪندا آهيون جڏهن ته ساٿي جي چونڊ اسان پاڻ ڪندا آهيون.
اداڪارا چيو ته اسان کي اهڙي شخص جي چونڊ ڪرڻ گھرجي جنهن سان سولائي سان سڄي زندگي گذري سگھي، جنهن سان لاڳاپا ڏکيا نه هجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.