سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت درخواست رد

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) پشاور هاءِ ڪورٽ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽون نه ملڻ خلاف داخل درخواست خارج ڪري ڇڏي.
سني اتحاد ڪائونسل طرفان عورتن ۽ اقليتن جي مخصوص سيٽن لاءِ داخل درخواست تي پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اشتياق ابراهيم جي سربراهي ۾ پنج رڪني لارجر بئنچ ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن طرفان وڪيل سڪندر مهمند ۽ سني اتحاد ڪائونسل جو وڪيل بئريسٽر علي ظفر عدالت ۾ پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران علي ظفر دليل ڏيندي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد ميمبرن قومي اسيمبلي ۾ 86، پنجاب ۾ 107، خيبرپختونخوا ۾ 90، سنڌ اسيمبلي ۾ 9 ۽ بلوچستان ۾ هڪ رڪن سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي.
هن چيو ته آرٽيڪل 106 (ٿري) ( ايم ) تحت سني اتحاد ڪائونسل مخصوص سيٽن لاءِ اهل آهي.
بئريسٽر علي ظفر عدالت کي ٻڌايو ته اعتراض اِهو هو ته سني اتحاد ڪائونسل اليڪشن ۾ حصو ناهي ورتو، مخصوص سيٽن جي فهرست فراهم ناهي ڪئي تنهنڪري سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون نه ڏنيون وينديون.
هن چيو ته سني اتحاد ڪائونسل جون مخصوص سيٽون قبضا گروپن کي ڏنيون ويون، جنهن تي عدالت رمارڪس ڏنا ته قبضا گروپ نه چئو کين سيٽون اليڪشن ڪميشن ڏنيون آهن.
اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سڪندر بشير مهمند موقف اختيار ڪيو ته سني اتحاد ڪائونسل مخصوص سيٽن لاءِ درخواستون ٻين هاءِ ڪورٽس ۾ به داخل ڪيون آهن ۽ اِهي درخواستون سمورين اسيمبلين جي مخصوص سيٽن لاءِ آهن جيڪي عدالت جي دائره اختيار کان به ٻاهر آهن.
هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي سمورين درخواستن ۾ هڪ ئي درخواست گذار آهي، درخواستن ۾ هڪ ئي پيٽرن کي فالو ڪيو ويو آهي، لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ به لارجر بئنچ جوڙڻ لاءِ استدعا ڪئي وئي آهي.
عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ مخصوص سيٽن لاءِ سني اتحاد ڪائونسل جي درخواست خارج ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.