اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سينئر صحافي محسن ٻٻر چيو آهي ته نگران حڪومت پاران 1993ع جي ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي وئي هئي،فرد واحد پاران اهو قانون آندو ويو آهي جنهن کان پوءِ ارسا ۾ صوبن جي نمائندن جي ڪا به اهميت نه رهندي، هاڻي صوبن جي ارسا ۾ نمائشي حيثيت هوندي، باقي فيصلا سمورا ارسا جو چيئرمين ڪندو،ڪنهن کي ڪيترو پاڻي ڏيڻو آهي، ڪڏهن ڏيڻو آهي،هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي هاڻي وفاق مان پاڻي جي ڪا به اميد نه رهندي، پاڻي جي حوالي سان فيصلا ڪميٽي ڪندي، ان ڪميٽي ۾ جيڪي ٽيڪنيڪل ماڻهو رکيا ويندا انهن بابت به ڪا خبر ناهي،ارسا چيئرمين پنهنجي مرضي سان فيصلا ڪندو، اهو قانون رات جي اونداهي ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ صدارتي آرڊيننس ذريعي منظور ڪرايو هو،هن چيو ته وزيراعظم سي سي آءِ جهڙي اداري کي به نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ حڪومت کي ارسا جو بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي، ان حوالي سان سپريم ڪورٽ ۽ پارليامينٽ جو فورم به استعمال ٿي سگهندو، سنڌ مٿان اها مهرباني ن ليگ جي حڪومت ڪئي آهي.
نوٽ: هي خبر روزاني عوامي آواز خميس 14 مارچ 2024 تي شايع ٿي