واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا سان واسطو رکندڙ هڪ شخص جي دماغ ۾ زندهه جيتن کي ڏٺو ويو.
آمريڪن جرنل آف ڪيس رپورٽس ۾ 52 ورهين جي شخص بابت ٻڌايو ويو آهي جنهن کي ڪيترن ئي هفتن ئان مٿي جي سور جي شڪايت هئي.
مٿي جي سور جي شدت تمام گهڻي هئي ۽ دوائون به اثر نه پيون ڪن.
رپورٽ موجب اهو شخص پنهنجي زال ۽ پالتو ٻلي سان گڏ رهندو هو ۽ عام طور تي اهڙو گوشت کائيندو هو جيڪو پوري طرح پڪل نه هجي.
ڪيترن ئي هفتن تائين اڌ مٿي جي سور جي شڪايت کان پوءِ هن فلوريڊا جي اسپتال ۾ ڊاڪٽر کي ڏيکاريو جتي سي ٽي اسڪين ۾ ڊاڪٽرن سندس دماغ پاڻياٺ سان ڀريل خال دريافت ڪيا.
ان وقت ماهرن کي لڳو ته اهو پيدائشي واڌو مواد آهي، جنهن کان پوءِ مريض کي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو.
اتي تفصيلي معائني دوران دماغ ۾ ٽيپ وارم (جيت جو قسم) کي دريافت ڪيو ويو جنهن جي ڪري هن کي دماغ ۾ تڪليف ٿي رهي هئي.
محققن ٻڌايو ته اسان جو خيال آهي ته ڪچو گوشت کائڻ جي عادت جي ڪري اهو جيت جسم ۾ داخل ٿي دماغ تائين پهتو هوندو.
ٽيپ وارم کي دريافت ڪرڻ کان پوءِ مريضن کي سوڄ ختم ڪندڙ ۽ جيتن کان ڇوٽڪارو ڏياريندڙ دوائن جو استعمال ڪرايو ويو جنهن کان پوءِ صحتياب ٿي ويو.
عام طور تي غذا ۾ وجود وارم ٽيپ جا بيضا معدي ۾ پهچي ويندا آهن، خاص طور تي گوشت کي سٺي طرح نه پچائي کائڻ سان اهو خطرو وڌي ويندو آهي.
جسم ۾ پهچڻ کان پوءِ اهي بيضا لاروا جي شڪ اختيار ڪري وٺندا آهن ۽ دماغ تائين به پهچي ويندا آهن.
ان بيماري کي طبي ٻولي ۾ neurocysticercosis چيو ويندو آهي جنهن جي علامتن جو دارومدار ان ڳالهه تي هوندو آهي ته دماغ ۾ جيتن جو انگ ڪيترو آهي ۽ جسماني مدافعتي نظام ڪيترو طاقتور آهي.
Next Post
You might also like