ٽڪ ٽاڪ ڪجهه عرصو اڳ ميوزڪ اسٽريمنگ سروسز جي مقابلي ۾ ٽڪ ٽاڪ ميوزڪ ايپ متعارف ڪرائي هئي.
هاڻي اها سوشل ميڊيا ڪمپني انسٽاگرام کي ٽڪر ڏيڻ لاءِ ٽڪ ٽاڪ فوٽوز جي نالي سان ايپ متعارف ڪرائڻ جي رٿابندي ڪري رهي آهي.
اها ڳالهه هڪ رپورٽ ۾ سامهون آئي آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ٽڪ ٽاڪ جي اي پي ڪي (APK) ڪوڊ ۾ نئين ايپ ٽڪ ٽاڪ فوٽوز جو حوالو ۽ آئڪون مليا آهن.
رپورٽ موجب اها ايپ جلد متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي.
ٽڪ ٽاڪ پاران ان حوالي سان ڪو به بيان جاري نه ڪيو ويو آهي.
Prev Post
Next Post
You might also like