ايڪس جي بندش تي پي ٽي آءِ کان واضح جواب طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس جي بندش تي پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي کان واضح جواب طلب ڪري ورتو آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس جي بندش خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي ۽ درخواست گذار جا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا جڏهن ته پي ٽي اي جي وڪيل تياري لاءِ عدالت کان وقت گهري ورتو.
ٻڌڻي دوران عدالت سوال ڪيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست تي ڇا ٿيو؟ اتي ته توهينِ عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿيڻي هئي، ان تي درخواست گذار جي وڪيل چيو ته توهينِ عدالت جي درخواست تي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.
پي ٽي اي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سندن هن درخواست جي ٻڌڻي جوڳي هجڻ تي اعتراض آهي.
عدالت چيو ته ڇا به آهي، جنهن به ڪيو آهي پر هڪ سوشل ميڊيا پليٽ فارم بند ٿيو آهي، انڪري عدالت ۾ تفصيلي جواب جمع ڪرايو.
عدالت پي ٽي اي جي وڪيل کي هدايت ڪئي ته ايندڙ ٻڌڻي تي واضح جواب جمع ڪرايو، واضح جواب هئڻ گهرجي، عدالت کي ٻڌايو ته حقيقت ۾ ڇا ٿي رهيو آهي.
درخواست گذار جي وڪيل چيو ته سوشل ميڊيا پليٽ فارم بند ڪرڻ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي، ان تي عدالت چيو ته فلحال جواب ته اچڻ ڏيو، پنهنجا هٿيار پهريان ئي ناهن ڏيکاربا، انڪري گهڻي ڊگهي تاريخ ناهي ڏني ۽ جلد جواب طلب ڪيو آهي.
عدالت سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس جي بندش خلاف درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي 26 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.