سهري جي وقت دهل وڄائي ننڊ مان اٿاريندڙ عورتون

انقرا (ويب ڊيسڪ) ترڪيه جي روڊن تي ماڻهن کي سحري جي وقت دهلن وڄائي نغما ڳائي اٿارڻ لاءِ عورتن کي ڏسي عوام ناراضگي ظاهر ڪئي آهي.
پاڪستان سوڌو دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ سحري جي وقت ننڊ ڦٽائڻ لاءِ دهل وارا نظر ايندا آهن جيڪي عام طور تي مرد هوندا آهن، ترڪيه ۾ به اها ئي روايت عام آهي پر ترڪيه ۾ ڪيترن ئي ورهين کين بينڊ لاءِ مقرر ڪيل عورتون به اهو ڪم سنڀالڻ ويٺيون آهن.
رپورٽ موجب سحري جي وقت ننڊ مان اٿاريندڙ عورتن جي بينڊ جو واسطو ترڪ رياست مارسين جي سامونڊي علائقي سان آهي، بينڊ جون عورتون ڊائريڪٽوريٽ آف ڪلچرل افيئرز ۽ اردملي جي ميونسپلٽي جي نگران هيٺ تربيت حاصل ڪري چڪيون آهن.
بينڊ جي گروپ ۾ شامل عورتون سحري جي وقت گڏجي گيت ڳائي دهل وڄائي ماڻهن کي جاڳائڻ جو فرض انجام ڏينديون آهن.
ان حوالي سان ترڪ عوام جو مڃڻ آهي ته دهل وڄائي جاڳائڻ جو ڪم مردن جو آهي ۽ عورتن لاءِ اهو ڪم مناسب نه آهي پر ڪجهه سوشل ميڊيا واهپيدارن بينڊ جي عورتن جي حمايت به ڪئي آهي.
رپورٽ موجب 18 ورهين ميليسا ڪرگيلي به ماءُ سان گڏ بينڊ جي عورتن ۾ شامل آهي سندس چوڻ آه يته پنهنجي ماءُ سان گڏجي روڊن تي نڪري ۽ ماهن کي سحري جي وقت ننڊ مان اٿاروي جنهن ۾ آئون تمام گھڻي خوش آهيان.
بينڊ ۾ شامل هڪ ٻي عورت جو چوڻ هو ته اسان رضاڪاراڻي طورتي ان ۾ شريڪ آهيون، اهو سلسلو رمضان جو سڄو مهينو جاري رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.