سينيٽ جي ننڍي چونڊ، جَي يو آءِ پاران يوسف رضا گيلاني جي حمايت جو اعلان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) جمعيت علماءَ اسلام ( جي يو آءِ سينيٽ جي ننڍي چونڊ ۾ پ پ اڳواڻ يوسف رضا گيلاني جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو. .
سينيٽ جي ڇهن خالي سيٽڻ تي ننڍي چونڊ 14مارچ تي ٿيندي.
سينيٽ جي جن سيٽن تي ننڍي چونڊ ٿيندي انهن ۾ يوسف رضا گيلاني، مولانا غفور حيدري ۽ نثار کهڙو جون خالي سيٽون شامل آهن جڏهن ته ڄام مهتاب، پرنس احمد عمر ۽ سرفراز بگٽي جي خالي سيٽن تي به ننڍي چونڊ ٿيندي.
سينيٽ جي ننڍي چونڊ اسلام آباد جي هڪ، سنڌ جي ٻن ۽ بلوچستان جي ٽن سيٽن تي ٿيندي.
14 مارچ تي شيڊيول ننڍي چونڊ ۾ جعيت علماءُ اسلام جي ميمبرن اسلام آباد جي سيٽ تي يوسف رضا گيلاني کي ووٽ ڏيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.