ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي مزاري تي حاضري ڀري.
صدر قائدِ اعظم محمد علي جناح جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي.
صدر جي آمد تي سندس روٽ ۽ مزارِ قائد تي سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويا، صدر جي سيڪيورٽي سنڌ پوليس جي اسپيشلائز سيڪيورٽي يونٽ انجام ڏني.
صدر آصف علي زرداري خاص جهاز ذريعي راولپنڊي جي نور خان ايئربيس کان فيصل ائير بيس ڪراچي پهتو جتي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، گورنر سنڌ ۽ ٻين سندس آجيان ڪئي.
صدر آصف علي زرداري اڄ رات بلاول هائوس ۾ ترسندو، اربع جي صبح ڪراچي کان لاڙڪاڻي روانو ٿيندو جتي هو ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي مزارن تي به حاضري ڀريندو.
واضح رهي ته صدر جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ آصف علي زرداري جو ڪراچي جو هي پهريون دورو آهي.