آسٽريلوي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو مستقل ڪپتان مقرر

ڪينبرا ( ويب ڊيسڪ ) آل رائونڊر مچل مارش کي آسٽريليا جي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو مستقل ڪپتان بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، مچل مارش ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ آسٽريلوي ٽيم جي قيادت ڪندو، کيس ڪپتان بڻائڻ جي منظوري بورڊ ميٽنگ ۾ ڏني وئي.
ايرون فنچ جي رٽائرمينٽ کانپوءِ آسٽريلوي ٽيم جو مستقل ڪپتان مقرر نه ڪيو ويو هو جڏهن ته مچل مارش ويجهڙ “ نيوزيلينڊ خلاف سيريز ٽيم جي ڪپتاني ڪئي هئي، ڪينگروز سيريز ٽي ٻڙي تان ڪاميابي حاصل ڪئي هئي.
ان ڏس ۾ آسٽريلوي هيڊ ڪوچ اينڊريو ميڪڊانلڊ جو چوڻ آهي ته سمورا رستا مچل مارش جي ڪپتان بڻجڻ ڏانهن وڃي رهيا هئا، اسان سمجهون ٿا ته ورلڊ ڪپ ٽيم جو ڪپتان آهي، هو جهڙي ريت ٽيم کي ليڊ ڪري رهيو آهي، اسان مطمئن ۽ خوش آهيون.
ٻئي پاسي اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان رڪي پونٽگ مچل مارش کي ٽيم جو ڪپتان بڻائڻ واري فيصلي کي ساراهيو ۽ چيو ته آل رائونڊر ٽيم جي ڪپتاني جو حقدار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.