ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) گورنر هائوس ۾ سنڌ ڪابينا جي حلف برداري تقريب ٿي جنهن ۾ 9 وزيرن پنهنجي عهدي جو قسم کڻي ورتو.
سنڌ ڪابينا جي حلف برداري تقريب گورنر هائوس ۾ ٿي جتي گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري 9 وزيرن کان حلف ورتو .
قسم کڻندڙ وزيرن ۾ شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه، سعيد غني، سردار شاهه، غذرا فضل، محمد بخش مهر، ضياءَ لنجار، ڄام خان شورو ۽ علي حسن زرداري شامل آهن.
پ پ قيادت سنڌ ڪابينا جي قلمدانن بابت به فيصلو ڪري ورتو آهي.
ذريعن موجب، ناصر شاهه وٽ اطلاعات واري وزارت هوندي، شرجيل ميمڻ ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ ٽرانسپورٽ جو وزير هوندو، تعليم ۽ معدنيات واري وزارت سردار شاهه وٽ هوندي.
ڄام خان شورو آبپاشي، سعيد غني بلديات ۽ پبلڪ هيلٿ جو وزير هوندو، علي حسن زرداري جيل کاتي جو وزير هوندو.
ان کانسواءِ محمد بخش مهر وٽ اينٽي ڪرپشن ۽ راندين واري وزارت هوندي جڏهن ته عذرا پيچوهو صحت واري وزارت ڏني ويندي.
You might also like