ڀارت جو جنگي جهاز تربيتي اڏام دوران ڪِري تباهه

جيسلمير ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي هوائي فوج جو جنگي جهاز ”تيجس“ تربيتي اُڏام دوران ڪِري تباهه ٿي ويو .
پرڏيهي ميڊيا موجب، رياست راجسٿان جي شهر جيسلمير ويجهو ڀارتي هوائي فوج جو جهاز ڪِري تباهه ٿي ويو.
ڀارتي هوائي فوج طرفان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته جهاز تربيتي اُڏام تي هو، جهاز ڪِرڻ کان اڳ پائلٽ باحفاظت جهاز مان نڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو.
واضح رهي ته اِهو حادثو ان وقت پيش آيو آهي جڏهن ته ڀارتي رياست راجسٿان ۾ پوکران فائرنگ رينج ۾ ڀارتي فوج جون ” ڀارت شڪتي “ نالي مشقون جاري آهن.
اڄ ڀارتي وزيراعظم نريندي مودي به مشقن جو معائنو ڪيو ۽ تيجس جهاز جو مظاهرو به ڏٺو.
ياد رهي ته گذريل سال به راجسٿان ۾ ڀارتي هوائي فوج جو جنگي جهاز مشق دوران ڪِري تباهه ٿي ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.