ممبئي ( ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ( بي سي سي آءِ ) وڪيٽ ڪيپر بيٽر رشڀ پنت کي 14 مهينن جي ري هيب ۽ ري ڪوَري واري عمل کانپوءِ فٽ قرار ڏئي ڇڏيو.
بي سي سي آءِ موجب، ريشڀ پنت ٻه سال اڳ خطرناڪ روڊ حادثي جو شڪار ٿيو جنهن کانپوءِ هن 14 مهينا ري هيب ۽ ري ڪوري وارو عمل مڪمل ڪيو، هاڻ کيس آءِ پي ايل لاءِ فٽ قرار ڏنو ويو آهي.
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته فاسٽ بالر محمد شامي آءِ پي ايل 2024ع جي سيزن مان مڪمل طور آئوٽ ٿي ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، محمد شامي ساڄي پير جي کُڙي جو ڪامياب آپريشن ٿيو آهي، جڏهن ته ميڊيڪل ٽيم شامي جي نگراني ڪري رهي آهي.
You might also like