ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ايندڙ سال پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) ۽ انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) جي شيڊيول ۾ ٽڪراءُ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پي ايس ايل ڏهه جي شيڊيول لاءِ ٽن ونڊوز تي غور ڪري رهيو آهي ۽ سڀ کان موزون ونڊو اپريل ۽ مئي 2025ع نظر اچي رهي آهي.
پي ايس ايل انتظاميا آءِ پي ايل سان شيڊيول جي ٽڪراءَ جي فائدن نقصانن بابت غور ويچار ڪري رهي آهي.
مارچ ۾ چيمپيئز ٽرافي سبب پي ايس ميچون آهن، انڪري چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ فيبروري ۾ ٽن هفتن جي ونڊو ڪڍڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.
فيبروري جي ونڊو لاءِ انهن تاريخن ۾ شيڊيول ٽه ملڪي سيريز متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.
ذريعن موجب، پاڪستان کي فيبروري 2025ع ۾ نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا سان ٽه ملڪي سيريز جي ميزباني ڪرڻي آهي، سپٽيمبر ۾ ايشيا ڪپ کان اڳ جي تاريخن تي پڻ غور ڪيو ويو آهي، پاڪستان سپر ليگ جي ڏهين ايڊيشن بابت وڌيڪ مشاورت پي ايس ايل ڪائونسل جي ايندڙ اجلاس ۾ ٿيندي.
You might also like