ٽيڪنو موبائل ورلڊ ڪانفرنس ۾ جديد ترين آءِ اي آءِ ۽ اي آر فليگ شپ پراڊڪٽس متعارف ڪرائي ڇڏيا.
اسپين جي شهر بارسلونا ۾ ٿيل موبائيل ورلڊ ڪانفرنس ۾ ٽيڪنو پنهنجا جديد فليگ شپ پراڊڪٽس متعارف ڪرايا.
ٽيڪنو طرفان موبائل ورلڊ ڪانفرنس ۾ اَي آر ۽ اَي آءِ فينڊم وي فولڊ متعارف ڪرائي فولڊ ايبل اسمارٽ فونز جي ميدان ۾ به پير رکيو ويو.
ٽيڪنو جي هن سال موبائيل ورلڊ ڪانفرنس ۾ شاندار انداز ۾ واپسي ٿي جتي ڪمپني مستقبل تائين رسائي جي ٿيم تحت ٽيڪناليجز جي حوالي سان پراڊڪٽس متعارف ڪرائڻ جو عزم ورجايو.
ڪانفرنس ۾ هن سال رول ايبل ڊسپلي سان فينٽم الٽيميٽ پروٽوٽائپ متعارف ڪرايو ويو جنهن جي اسڪرين اموليڊ 6.55 انچ جي آهي.
ٽيڪنو پووا سڪس پرو فائيو جي گيمنگ اسمارٽ فون بابت تفصيل ٻڌائي ايونٽ ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو.
ٽيڪنو طرفان انڊسٽري جي پهرئين گڏيل اي آر گلاسز ۽ ونڊوز گينگ هينڊلڊ سيٽ، تصوراتي مواد آرٽيفيشل آءِ او ٽي ڊيوائسز سان گڏيل لائن اپ جي نمائش بهترين چونڊ تي ٻڌل رينج جي فراهمي جي عزم جو اظهار ڪري ٿي.
ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويو آهي ته ٽيڪنو طرفان واهپيدارن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي جديد ۽ مستقبل جي ٽيڪنالاجي تي ٻڌل شيون متعارف ڪرايون وينديون رهنديون.
ٽيڪنو موبائل ورلڊ ڪانفرنس، جديد ترين آءِ اي آءِ ۽ اي آر فليگ شپ پراڊڪٽس متعارف
You might also like