ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رمضان المبارڪ ۾ بئنڪن جا نوان وقت جاري ڪيا ويا آهن.
اسٽيٽ بئنڪ جي پڌرائيءَ موجب رمضان المبارڪ ۾ سومر کان خميس تائين آفيسن جو وقت صبح 9 کان منجهند ساڍي 3 وڳي تائين هوندو، جڏهن ته نماز جو وقفو 30 منٽن جو هوندو، جيڪو 2 کان اڍائي وڳي تائين هوندو.
جمعي تي آفيسن جو وقت ساڍي اٺين وڳي کان 2 وڳي تائين هوندو.
اسٽيٽ بئنڪ موجب رمضان المبارڪ ۾ بئنڪن ۾ عوامي ڏي وٺ (پبلڪ ڊيلنگ) سومر کان خميس تائين بنا ڪنهن وقفي جي صبح 9 وڳي کان منجهند 2 وڳي تائين هوندي، جڏهن ته جمعي تي عوامي ڏي وٺ ساڍي اٺين وڳي کان هڪ وڳي تائين هوندي.
Next Post
You might also like