اوپن هائمر آسڪرز 2024ع جو ميلو لٽي ورتو

لاس اينجلس ( ويب ڊيسڪ ) ڪرسٽوفر نولن جي فلم اوپن هائمر 96 هين اڪيڊمي ( آسڪر ) ايوارڊز جو ميلو پنهنجي نالي ڪري ورتو، ايٽم بم ٺاهيندڙ رابرٽ اوپن هائمر جي حياتيءَ تي ٺهندڙ فلم بهترين اداڪار، بهترين هدايتڪار، بهترين فلم سميت ست ايوارڊز پنهنجي نالي ڪري وتا.
آچر ڏهاڙي لاس اينجلس جي ڊولبي ٿيٽر ۾ ٿيل تقريب ۾ هالي ووڊ جي وڏن نالن شرڪت ڪئي.
23 ايوارڊن وچ ۾ ٿيل مقابلي دوران ”اوپن هائمر“ ست، ” پوور ٿنگز “ چار ۽ ” دي زون آف انٽرسٽ “ ٻه ايوارڊ حاصل ڪيا.
هدايتڪار ڪرسٽوفر نولن جي فلم اوپن هائمر کي 13 ڪيٽيگرين ۾ نامزد ڪيو ويو هو، اوپن هائمر جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪار ڪيلين مرفي بهترين اداڪار، رابرٽ ڊائوني جونيئر بهترين مددگار اداڪار، ڪرسٽوفر نولن بهترين هدايت ڪار ۽ فلم بهتري پڪچر جو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيو.
فلم ان سان گڏوگڏ بهترين ايڊيٽنگ، بهترين سئنما ٽو گرافي ۽ بهترين اوريجنل اسڪور ايوارڊ به کٽيا جنهن بعد مجموعي ايوارڊن جو انگ ست ٿي ويو.
پوور ٿنگز ۾ بهتري اداڪاري تي ايما اسٽون کي بهترين اداڪارا ۽ ڊيوائن جواءِ رينڊلف کي دي هولڊ اوورز ۾ شاندار اداڪاري تي بهترين مددگار اداڪارا قرار ڏنو ويو .
هي ايما اسٽون جو ٻيو آسڪر آهي، ان کان اڳ هوءَ 2017ع ۾ ” لالا لينڊ “ لاءِ بهترين اداڪارا جو ايوارڊ کٽي چڪي آهي.
ذڪر جوڳي ڳالهه اِها آهي ته گذريل سال جي ڪامياب فلمن ۾ شامل فلم باربي کي رڳو هڪ ايوارڊ مليو آهي، اِهو انعام گلوڪارا بلي آئلش باربي جي اوريجنل سانگ ” واٽ واز آءِ ميڊ فار ؟ “ پنهنجي نالي ڪيو .
اِهو گيت هنيئر تائين اسپاٽي فاءِ تي ستر ڪروڙ ڀيرا ٻڌو ويو آهي.
بهترين ايني ميٽڊ فلم جو ايوارڊ ”بواءِ اينڊ دي هيرن“ جڏهن ته بهترين عالمي فلم لاءِ ”زون آف انٽرسٽ“ کي فاتح قرار ڏنو ويو .
جن فلمن کي تقريب ۾ خالي هٿ موٽڻو پيو انهن ۾ ”مشن امپاسيبل ڊيڊ ريڪننگ“، ”نپولين“ ۽ ”مائسٽرو“ شامل رهيو.
تقريب جي ميزباني جا فرض مشهور ڪاميڊين جمي ڪمل انعام ڏنا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.