اسڪور بورڊ انتظاميا جي غفلت سبب ڪيري ٽيسٽ سينچري نه ڪري سگهيو!

ڪرائسٽ چرچ ( ويب ڊيسڪ ) آسٽريليا، نيوزيلينڊ کي ٻي ٽيسٽ ۾ ٽن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٻن ميچن تي ٻڌل ٽيسٽ سيريز ٻه ٻڙي تان پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي.
ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏيل ميچ جي چوٿين ڏينهن آسٽريليا 279 رنسن جو هدف ست وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
ان ڪاميابي ۾ جتي وڪيٽ ڪيپر ايلڪس ڪيري جي ناقابلِ شڪست 98 رنسن جي شاندار اننگز شامل هئي اتي مچل مارش جي 80 رنسن به اهم ڪردار ادا ڪيو.
نائين نمبر تي بيٽنگ تي آيل ڪپتان پيٽ ڪمنز به 44 بالن تي 32 رنسون ٺاهيون ۽ چڪو هڻي ٽيم کي فاتح بڻايو، پر سندس اهڙي عمل تي ڪجهه سوشل ميڊيا واهپيدار ناراض ٿي ويا آهن.
ڪنهن جو خيال آهي ته هن ڄاڻي واڻي ساٿي بيٽر ايلڪس ڪيري کي ميچ وننگ سينچري کان محروم رکيو ته ڪنهن چيو ته سندس تڪڙسبب وڪيٽ ڪيپر ٻي ٽيسٽ سينچري نه ٺاهي سگهيو.
واضح رهي ته غلطي نه پيٽ ڪمنز جي هئي نه ئي ايلڪس ڪيري جي، ان مونجهاري جو اصل ذميوار اسڪور بورڊ انتظاميا هئي جن جي غلطي سبب آسٽريلوي وڪيٽ ڪيپر پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر جي ٻي سينچري کان محروم رهجي ويو .
ميچ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنز انڪشاف ڪيو ته کيس وننگ شاٽ هڻڻ وقت اندازو ئي نه هو ته نان اسٽرائيڪر تي موجود ساٿي بيٽر سينچري کان ٻه رنسون پري آهي.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن پتو هجي ها ته سندس حڪمت عملي مختلف هجي ها.
ميچ دوران ڪامينٽري ڪندي اڳوڻن ڪرڪيٽرن به آسٽريلوي ڪپتان جي موقف جي حمايت ڪئي ۽ اسڪور بورڊ تي رنسن بدران وڪيٽن جو انگ ڏيکارڻ تي حيرت جو اظهار ڪيو.
ايلڪس ڪيري به ميچ کانپوءِ ميڊيا کي ٻڌايو ته کيس سينچري نه ڪرڻ تي ڪو به افسوس ناهي، هو خوش آهي ته ڪپتان ٽيم کي فاتح بڻائڻ لاءِ وننگ شاٽ کيڏي، هو پاڻ ئي اسٽرائيڪ تي نه پيو وڃڻ چاهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.