آسڪرز ايوارڊ تقريب اسرائيلي ظلمن خلاف فنڪارن جو احتجاج، فلسطين جي آزادي جا نعرا

96 هين اڪيڊمي ( آسڪرز ) ايوارڊز جي موقعي تي ڪيئي مشهور فنڪار غزا ۾ جنگبندي لاءِ پنهنجي لباس تي ڳاڙهي پَن لڳائي ريڊ ڪارپٽ تي جلوا وکيريا.
هالي ووڊ اسٽار مارڪ ريفلو، ڳائڻي بئلي ائلش ۽ مزاحيه اداڪار رامي يوسف سميت ڪيترن ئي فنڪارن اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جنگبندي لاءِ ڳاڙهين پنن کي لباس جو حصو بڻايو.
ريڊ ڪارپٽ تي انٽرويوءَ دوران رامي يوسف چيو ته هو غزا ۾ ترت ۽ مستقل جنگبندي جو مطالبو ڪن ٿا، هو هن ويڙهه ۾ هر هڪ جو تحفظ چاهن ٿا ۽ فلسطيني عوام لاءِ انصاف ۽ امن جا خواهشمند آهن.
سندس چوڻ هو ته دنيا کي پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته معصوم ٻارن جو قتلِ عام بند ڪيو.
هي پنون انٽرٽينمينٽ انڊسٽري سان سلهاڙيل ماڻهن جي هڪ گروپ آرٽسٽ 4 سيز فائر مهم جو حصو آهي.
آسڪرز ايوارڊ جي موقعي تي فلسطين جي حق ۾ مظاهرا ڪندڙ تنظيم پاران احتجاجي مظاهرو ڪندي روڊ بلاڪ ڪيا ويا.
ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ۽ مختلف فنڪارن جنگبندي ۽ فلسطين جي آزادي جا نعرا پڻ هنيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.