جماعت اسلامي پاران ڪراچي کان ڪشمور تائين فلسطينين سان ايڪتا لاءِ مظاهرا،ريليون

ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندا) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جي اپيل تي غزا ۾ صيهوني ۽ قابض فوج جي درندگي ۽ فلسطيني عوام سان اظھار يڪجھتيءَ لاءِ  آچر ڏھاڙي ڪراچيءَ کان ڪشمور سموري سنڌ ۾ احتجاجي مظاھرا ۽ غزا ريليون ڪڍيون ويون جنھن کي جماعت اسلامي جي مرڪزي صوبائي ۽ ضلعي اڳواڻن خطاب ڪيو . مارچ ۽ ريلين ۾ شريڪ ماڻھن غزا مٿان بمباري جي سخت مذمت ، فلسطين جو ھڪ علاج الجھاد الجھاد، نعرہ تڪبير الله اڪبر جا اڀ ڏاريندڙ نعرا ھڻي رھيا ھئا. ڪراچي ، ڪنڌ ڪوٽ، سکر بدين ، ميرپور خاص ، ڪشمور ، ٺٽي ، ٽنڊوآدم ، عمر ڪوٽ ، شڪارپور سميت ڪيترن ئي شھرن ۾ رٿيل مظاھرن ۾ عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري پنھنجي مظلوم فسلطيني عوام سان ايڪتا جو اظھار ڪيو. بدين ۾ مسجد اقصيٰ کان پريس ڪلب ايوان صحافت تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنھن کي جماعت اسلام سنڌ جي نائب امير ممتاز حسين سھتو، ضلعي امير سيد مردان شاھ ۽ مولانا عبدالڪريم بليدي خطاب ڪندي چيو ته غزا ۾ ھن وقت 40 ھزار ماڻھو شھيد ٿي چڪا آھن پر مسلم حڪمران بي حس ۽ انساني حقن جون تنظيمون خاموش تماشائي بڻيل آھن.جيڪو ايٽم بم قبله اول بيت المقدس جي آزادي جي ڪم نه اچي اھو ايٽم بم نه پر مٽي جو ڍير آھي.پاڪستان سميت مسلم حڪمران عملي طور آمريڪي ۽ اسرائيلي ايجنٽ بڻيل آھن. غزا مٿان اسرائيلي جارحيت کي پنج مھينا ٿي ويا آھن پر ان کي عالمي ضمير سميت انساني حقن جا ادارا وار ونگو ڪرڻ وارو ڪوئي نه آھي.عمر ڪوٽ ۾ مقامي دفتر کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاھري کي سنڌ جي نائب امير حافظ نصرالله چنا، ضلعي اڳواڻ خليل احمد کوکر خطاب ڪندي چيو ته اسرائيلي فوجي درندن غزا کي مٽي جو ڍير بڻائي ڇڏيو آھي پر نام نھاد مسلم حڪمران ڪوفين جو ڪردار ادا ڪري رهيا آھن جن کي تاريخ ڪڏھن به معاف ڪونه ڪندي. اڄ غزا کي ڪربلا جو ميدان بڻايو ويو آھي . ھزارين ٻارن عورتن ۽ پوڙھن کي بکيو اڃيو رکي شھيد ڪيو پيو وڃي ڪوبه ان جو آواز ٻڌڻ وارو ڪونھي جماعت اسلامي ظلم خلاف ۽ مظلوم عوام جو آواز بڻجي وئي آھي.ڪراچي ۾ نمائش چورنگي کان سي بريز پلازہ تائين غزہ ريلي ڪڍي وئي جنھن کي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان ڊاڪٽر اسامه رضي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته آمريڪا جي سرپرستي ۾  اسرائيلي فوج غزا ۾ ظلم ۽ بربريت جي انتھا ڪري ڇڏي آھي فلسطين جو ٻه نه بلڪه ھڪ ئي رياستي حل آھي ڇو ته فلسطين صرف فلسطين جو آھي.ڪشمور ۾ مقامي امير افضل عطا ڪلوڙ جي قيادت ۾ ريلي نادرا چوڪ کان پريس ڪلب تائين ڪڍي وئي ، ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب تي مظاھري کي ضلعي امير غلام مصطفيٰ حافظ عمر فاروق چنا ۽ عبيدالله بلوچ خطاب ڪيو. ٽنڊو آدم ۾ ڪوثر مسجد کان  پريس ڪلب آڏو مظاھر کي ضلعي امير عبدالغفور انصاري مشتاق عادل خطاب ڪيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.