آصف علي زرداري صدر جي عهدي جوحلف کڻي ورتو،جيئي ڀٽو نعرن جي گونج

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)  پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ٻيون ڀيرو پاڪستان جي صدر واري عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي.حلف برداري جي تقريب اسلام آباد ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ آصف زرداري کان عهدي جو حلف ورتو،حلف برداري مهل ايوان صدر جيئي ڀٽو جي نعرن سان گونجي پيو، تقريب ۾ چئني صوبن جا گورنرز ۽  ٻن صوبن وڏا وزير موجود هئا. ڪي پي ڪي جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور تقريب ۾ شريڪ نه ٿيو، نئين چونڊيل صدر جي ساڄي پاسي پهرين سيٽ تي وزيراعظم شهبازشريف موجود هو ۽ کاٻي پاسي ٻي سيٽ تي سبڪدوش صدر عارف علوي موجود هو،تقريب ۾ اڳوڻي صدر ڊاڪٽر عارف علوي، وزيراعظم شهباز شريف، مسلم ليگ(ن) جو اڳواڻ نوازشريف، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اياز صادق، بلاول ڀٽو، بختاور ڀٽو، آصفه ڀٽو زرداري شريڪ ٿيا. ان کان علاوه آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا به تقريب ۾ شرڪت ڪئي تقريب ۾ سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن،پارٽي اڳواڻن ۽ جيالن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، حلف کان پوءِ آرمي چيف ۽ سروسز چيفس آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي مبارڪباد ڏني، چيف جسٽس حلف برداري کان پوءِ لابي ۾ بلاول ڀٽو زرداري سان ڳالهيون ڪندو رهيو جڏهن ته چيف جسٽس جي گهرواري سرينا عيسيٰ به تقريب ۾ موجود هئي، آصف علي زرداري انگريزي ۾ حلف کنيو،تقريب جي پڄاڻي تي صدر زرداري ۽ وزيراعظم مهمانن سان فردن فردن هٿ به ملايو، آرمي چيف نوازشريف، بلاول ڀٽو زرداري سان هٿ ملايو ۽ مختصر ملاقات به ٿي، تقريب ۾ وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز شريڪ نه ٿي،جڏهن ته صدر آصف علي زرداري کي صدارتي پروٽوڪول ۽ سيڪيورٽي ڏني وئي آهي. نئين چونڊيل صدر جو اهم سامان ان جي پرسنل سيڪريٽري  رخسانه بنگش جي نگراني ۾ ايوان صدر منتقل ڪيو ويو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.