لاهور (م ڊ) عام چونڊن ۾ مبينه ڌانڌلي جي خلاف پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان ڪڍيل ريلي دوران پوليس لطيف کوسه، سلمان اڪرم راجا ۽ ٻين ڪيترن ئي پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو، عام چونڊن ۾ مبينه ڌانڌلي خلاف پي ٽي آءِ ڪارڪن تحريڪ انصاف باني جي سڏ تي ريلي جي صورت ۾ جي پي او چوڪ لاهور پهتا، ريلي جي اڳواڻي تحريڪ انصاف اڳواڻ علي اعجاز بٽر ڪئي، پي ٽي آءِ جي سينئر اڳواڻ سردار لطيف کوسي کي به گرفتار ڪيو ويو، لطيف کوسه جي پٽ شهباز کوسي ٻڌايو ته والد چونڊن ۾ ڌانڌلي جي خلاف احتجاج جي لاءِ وڃي رهيو هو، لطيف کوسي کي صدر ڪينٽ گول چڪر تان گرفتار ڪيو ويو، پوليس سلمان اڪرم راجه کي اچهره مان گرفتار ڪري ورتو، ريلي کي روڪڻ لاءِ پوليس ڪارڪنن تي چڙهائي ڪئي جنهن سبب پي ٽي آءِ جا ڪارڪن ڇڙوڇڙ ٿي ويا، جڏهن ته پوليس تحريڪ انصاف جي ايم پي اي حافظ فرحت عباس سميت 10 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتاري جي موقعي تي ايم پي اي حافظ فرحت عباس چيو ته مينڊيٽ چور وزيراعليٰ گرفتاريون ڪرايون آهن، ٻئي پاسي پي ٽي آءِ طرفان لطيف کوسي ۽ سلمان اڪرم راجا جي گرفتاري جي مذمت ڪئي وئي آهي، تحريڪ انصاف پنهنجي اڳواڻن سلمان اڪرم راجا ۽ لطيف کوسي جي گرفتاري جي مذمت ڪئي آهي، تحريڪ انصاف طرفان پنهنجي بيان ۾ گرفتارين جي مذمت ڪندي چيو ويو ته جعلي حڪومت خوفزده ٿي وئي آهي، مريم نواز کي احتجاج ڪندڙن جي گرفتاري جي رويي کي فوري طور تي ختم ڪرڻ گهرجي.