امڪاني ناڻي واري وزيرمحمد اورنگزيب جا فوج سان ويجها لاڳاپا

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)ملڪ جو امڪاني ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب ملڪ جي ٽاپ  ٽين سي اي او ۾ شامل آھي.وٽس ھالينڊ جي شھريت آھي.ھن جو تعلق فيصل آباد سان رھيو آھي،سندس والد بھ پارليامينٽرين رھيو آھي.ھن جو ڪٽنب سياست ۽ بيوروڪريسي ۾ ھاءِ پروفائل رکي ٿو.ھو سلطان علي الانھ جي بھ ويجھو آھي،جيڪو ان عهدي لاءِ راضي نھ ٿيو،جنھن بعد ھن جو نالو سامھون آيو آھي.اورنگزيب جديد بينڪنگ سيڪٽر کان گھڻو واقف آھي ۽ عالمي مالياتي ادارن سان بھ بھتر لاڳاپا رکي ٿو.ھن کي آزادي سان ڪم ڪرڻو ڏنو ويو تھ ھو ملڪ جي معيشت کي بھتر ڪري سگھي ٿو.سندس فوج سان ۽ عالمي برادري سان بھ بھتر لاڳاپا آھن.جيڪڏھن ھو ملڪ کي مالي بحران مان ٻاھر ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو تھ ن ليگ جي شھرت سان گڏ پارٽي کي اڳوڻي حڪومت ۾ ناڻي واري سيڪٽر ۾ ٿيل نقصان ڪري لڳل داغ بھ ڌوئجي ويندو.

  • جماعت اسلامي 27 رمضان تي ملين مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي( م ڊ) جماعت اسلامي 27 رمضان تي ملين مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي،  غزه مارچ کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته چئوطرف ملڪ کي لٽيندڙ ماڻهو ويٺل آهن، اسيمبلي جي اجلاسن ۾ غزا جو ذڪر ئي ناهي ڪيو ويندو، هن چيو ته آمريڪي سفارتخاني ڏانهن لکين ماڻهن سان گڏ مارچ ڪنداسين، هن چيو ته پارليامينٽ ۾ بي جان قراردادون پاس ڪيون وڃن ٿيون، سندس چوڻ هو ته جمعته الوداع تي آمريڪي سفارخاني ڏانهن مارچ ڪيو ويندو، هن وڌيڪ چيو ته 25 لک آبادي هڪ وڏي طاقت جي سامهون موجود آهي، فلسطينين ثابت ڪيو آهي ته ايمان جي طاقت هن کان وڌيڪ آهي.

  • وفاقي ڪابينا جا نالا اڄ فائنل ٿيڻ جو امڪان ظاهر

اسلام آباد( م ڊ) ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ جا متوقع نالا سامهون اچي ويا، ڪنهن کي ڪهڙي وزارت  ڏني ويندي؟ وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا لاءِ مشاورت مڪمل ڪري ورتي آهي، شروعاتي طور تي 12 کان 14 وزيرن کي ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويندو، جن جا نالا سامهون اچي ويا آهن، حتمي نالن جو اعلان اڄ ڪيو ويندو، جنهن کي حتمي شڪل ڏيڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب سينيٽر اسحاق ڊار کي پرڏيهي وزارت جو قلمدان ڏيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته مشهور بينڪر محمد اورنگزيب کي مالياتي صلاحڪار ۽ بلال اظهر ڪياني کي ناڻي وارو مملڪتي وزير بڻائڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب عطا تارڙ کي اطلاعات ۽ نشريات جو وفاقي وزير، سينيٽر اعظم نذير تارڙ کي قانون ۽ انصاف جو وفاقي وزير، احسن اقبال کي منصوبابندي جو وفاقي وزير، نصير سنڌو کي هوابازي واري وزارت جو وفاقي وزير مقرر ڪيوويندو، خواجه محمد آصف کي بچاءَ واري وزارت ۽ سردار يوسف کي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي جو قلمدان ڏيڻ جو امڪان آهي.استحڪام پاڪستان پارٽي (آءِ پي پي) جو عليم خان ۽ ق ليگ جي چوڌري سالڪ حسين به ڪابينا ۾ شامل ٿي سگهن ٿا، اهڙي طرح طارق فاطمي، راڻا مشهود، عابد شير علي، فواد حسن فواد ۽ احد چيما کي به خاص معاون مقرر ڪيو ويندو. ذريعن موجب ڪابينا ۾ خرم دستگير، حنيف عباسي، طلال چوڌري، مصدق ملڪ جي نالن تي به غور ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته عرفان صديقي ۽ امير مقام کي به ڪابينا ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. رياض پيرزاده، نوشين افتخار ۽ انوشا رحمان کي به وفاقي ڪابينا ۾ ذميواريون ڏيڻ جو امڪان آهي.پهرين مرحلي ۾ ناڻي واري وزارت، پرڏيهي معاملن واري وزارت، توانائي واري وزارت، منصوبابندي واري وزارت، گهرو وزارت جا قلمدان ڏنا ويندا، اطلاعات واري وزارت، نجڪاري واري وزارت ۽ ٻين اهم وزارتن جا وزير به مقرر ڪيا ويندا. ان کان علاوه ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته اڳوڻي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني کي پرڏيهي صلاحڪار ۽ طارق فاطمي کي پرڏيهي معاملن بابت خاص مددگار مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي.نئين ڪابينا ۾ مصدق ملڪ کي توانائي، اڳوڻي نگران وڏي وزير پنجاب ۽ چيئرمين پي سي بي محسن نقوي کي گهرو صلاحڪار جو قلمدان ڏنو ويندو، جڏهن ته غازي اختر کي انڊسٽري ۽ سلمان خان کي بورڊ آف انويسٽمينٽ  جو قلمدان ڏيڻ جو امڪان آهي. ياد رهي ته نواز شريف ۽ شهباز شريف جو اهم مشاورتي اجلاس ڪالهه پنجاب هائوس ۾ ٿيو هو. جنهن ۾ وفاقي ڪابينا جي جوڙجڪ بابت اهم معاملن تي صلاح مشورا ڪيا ويا، نئين وفاقي ڪابينا نئين چونڊيل صدر آصف علي زرداري کان حلف کڻندي،

  • وزيراعظم رمضان رليف پئڪيج جي رقم ۾ وڏي واڌ ڪري ڇڏي

اسلام آباد(م ڊ)  وزيراعظم شهباز شريف رمضان جي مهيني ۾ عوام لاءِ خصوصي پيڪيج جي رقم ۾ وڏو اضافو ڪري ڇڏيو آهي.وزيراعظم شهباز شريف رمضان رليف پيڪيج جي رقم ساڍا 7 ارب روپين مان وڌائي ساڍا 12 ارب روپيه ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان سان گڏ ئي رمضان ريليف پيڪيج جو دائرو به وڌائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.وزيراعظم شهباز شريف وڌ کان وڌ غريب ۽ مستحق ماڻهن تائين رمضان رليف پيڪيج پهچائڻ جي هدايت ڪئي آهي جنهن سبب يوٽيلٽي اسٽور ۽ بي آءِ ايس پي سان گڏ هاڻ موبائل يونٽ به کائڻ پيئڻ جون شيون سستيون ڏيندا.شروعاتي طور تي 1200 موبائل پوائنٽس ۽ 300 مستقل رليف پيڪيج مرڪز قائم ڪيا پيا وڃن. پهرين رمضان کان آخري رمضان تائين رليف پيڪيج ۾ عام بازار کان گهٽ قيمت تي شيون ڏنيون وينديون طئي ڪيل هنڌن کان علاوه ٽرڪ مختلف  علائقن ۾ غريب عوام کي سستيون شيون پهچائيندا.ان کان علاوه موبائل ايپ جي استعمال جي رهنمائي لاءِ خصوصي وڊيو به جاري ڪئي ويندي. ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي وارو ڊيش بورڊ ٺاهيو پيو وڃي ته جيئن موبائل اٽي جي وڪرو جي نگراني ٿي سگهي.موبائل يونٽس جي هڪ کان ٻئي هنڌ تائين منتقلي جي دوران اٽي جي فراهمي جاري رهندي. موبائل ۽ لائيو فوٽيج سان اٽي جي ورهاست جي لاڳيتو نگراني ڪئي پئي وڃي.هن خصوصي پيڪيج جي تحت 3 ڪروڙ 96 لک خاندانن کي رمضان ۾ سستي اگهن تي کائڻ پيئڻ جون شيون ڏنيون وينديون ۽ رمضان رليف پيڪيج جي تحت مستحق ماڻهن کي بازار مان 30 سيڪڙو سستيون شيون ڏنيون  وينديون. اٽي تي في ڪلو 77 روپيه ۽ گيهه تي 70 روپيه في ڪلو سبسڊي ڏني ويندي.ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف 7 مارچ تي ساڍا 7 ارب روپين جي سبسڊي سان رمضان ريليف پيڪيج جو اعلان ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.