ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گاجي کهاوڙ ويجهو ڳوٺ رحمون کوسو مان ٽي ڏينهن اڳ لاپتا ٿيل ٻارڙي جو تشدد ٿيل لاش مليو.
نينگري شبيران ڌيءَ اصغر کوسو ٽي ڏينهن اڳ لاپتا ٿي وئي هئي جنهن جو ڳوٺ کان پري زمين مان تشدد ٿيل لاش مليو آهي.
نينگري جي لاش جي حالت مان ان ڳالهه جو انديشو آهي ته کيس زيادتي جو نشانو بڻايو ويو هو.
واقعي جي اطلاع کانپوءِ پوليس نينگري جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ وارهه اسپتال منتقل ڪيو جڏهن ته ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو ۽ جنسي ڏاڍائي جي ڪا تصديق ناهي ٿي سگهي.