سعودي عرب ۾ رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچي ويو

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچي ويو ۽ اتي سڀاڻي پهريون روزو هوندو.
سعودي عرب ۾ چنڊ ڏسڻ لاءِ ملڪ جي 10 آبزرويٽريز ۾ اجلاس ٿيا، جڏهن ته سعودي سپريم ڪورٽ به عوام کي چنڊ ڏسڻ جي اپيل ڪئي هئي.
سعودي عرب جي ڪيترن ئي حصن ۾ آسمان تي جُهڙ هو پر چنڊ نظر اچي ويو ۽ سڀاڻي 11 مارچ تي پهريون روزو هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.