اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي 14هين صدر آصف علي زرداري پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو.
حلف برداري تقريب ايوان صدر ۾ ٿي، جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف، اڳوڻي صدر عارف علوي، ن ليگ قائد نواز شريف، قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق، بلاول ڀٽو، بختاور ڀٽو، آصف ڀٽو زرداري شريڪ ٿيا.
ان کانسواءِ جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي چيئرمين جنرل ساحر شمشاد مرزا به تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته صوبائي گورنر ۽ پرڏيهي سفارتڪار به شريڪ ٿيا.
چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ نئين چونڊيل صدر کان حلف ورتو، حلف برادري ٿيندي ئي ايوان صدر جيئي ڀٽو جي نعرن سان گونجي اٿيو.
Prev Post
Next Post
You might also like