برطانوي هاءِ ڪميشن پاران عورتن جو ڏهاڙو پاڪستان جي ڪاروباري عورتن سان ملهايو ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) برطانيا پاران عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان ٽيڪنالاجي، واپار ۽ ڪاروبار ۾ عورتن جي ڪاميابين کي اجاڳر ڪرڻ سان گڏوگڏ چئلينجز تي پڻ بحث ڪيو ويو.

هن سالن عورتن جو عالمي ڏهاڙو ”عورتن ۾ سيڙپ ۽ ترقي ۾ تيزي رکيو ويو هو جنهن تحت اسلام آباد ۾ ٽريڊ فيئر ٿي گذريو.

ان موقعي تي عورت صنعتڪارن آرٽيفيشل انٽيليجنس، ميڊيڪل ٽيڪنالاجي ۽ سمارٽ ايپس تي پنهنجي ڪم جو مظاهرو ڪيو.

لاهور جي شاگردياڻي امام نادر کي هن ڏهاڙي لاءِ امبيسڊر چونڊيو ويو جيڪا هاءِ ڪمشنر جي مصروفيتن ۾ ساڻس گڏ رهي.

برطانوي هاءِ ڪمشنر، جين ميريئٽ سي ايم جي او بي اِي ته برطانيه ۽ پاڪستان صنفي برابري لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. اها اسان جي سڀني ڪمن ۾ پهرئين ترجيح آهي. پاڪستان جي معيشت جي ترقي ۾ عورتن جي معاشي ترقي اوتري ئي اهم آهي.

ان ڳالهه جا مضبوط ثبوت آهن ته عورتن ۽ ڇوڪرين ۾ سيڙپ ڪرڻ ۽ پيش ايندڙ رنڊڪن کي ٽوڙڻ ترقي کي هٿي ڏئي ٿو. جيڪڏهن مردن جيان عورت پورهيت به هڪ جيتريون هجن ته اندازي موجب عالمي جي ڊي پي ۾ 26 سيڪڙو يا 28 ٽريلين ڊالر جي واڌ ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.