بابر ورلڊ ڪلاس بيٽر آهي پر پي ايس ايل ۾ بالرن لاءِ ڪجهه ناهي: سهيل خان

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪوئيٽا گليڊيئٽرز جي سهيل خان چيو آهي ته ننڍين بائونڊرين ۽ فليٽ وڪيٽ تي بالرن لاءِ ڏکيائيون وڌيڪ هونديون آهن، جنهن اينڊ کان بالنگ ڪري رهيو هئس اتان تي هاف هِٽ تي به بال بائونڊري لائين پار ڪري ويندو آهي.
ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اڄوڪي وڪيٽ ٽي ٽوئنٽي لاءِ سٺي وڪيٽ هئي پر بائونڊري ٿوري وڌائي وڃي ته وڌيڪ بهتر ٿيندو.
سهيل خان چيو ته اهڙي وڪيٽن تي بالر جيڪڏهن ريورس نه ڪري سگهيو ته ڏاڍي ڏکيائي ٿيندي آهي، نوجوانن کي ريورس سوئنگ سکارڻ ضروري آهي.
هن چيو ته بابر اعظم ورلڊ ڪلاس ڪرڪيٽر آهي، بابر ۽ صائم هن دور جا بهترين اوپنر آهن، سندن آڏو مان ۽ محمد عامر رٽائرڊ بالر هئاسين.
هن وڌيڪ چيو ته خواجا نافع ۾ صائم ايوب ۽ بابر اعظم جهڙو ڪلاس آهي، هو مستقبل ۾ پاڪستان لاءِ سٺو اوپنر ثابت ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.