مٽياري سان واسطو رکندڙ مقبول پوليس آفيسر حرا علي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مختلف وقتن تي سوشل ميڊيا تي وائرل رهندڙ ڪسٽم آفيسر حرا علي مٽياري سان واسطو رکي ٿي ۽ پنهنجي ڪٽنب سان گڏ ڄامشوري ۾ رهندي آهي جڏهن ته سندس پوسٽنگ هن وقت حيدرآباد ۾ آهي.

ان کان حرا علي جون اهڙيون وڊيوز وائرل ٿيون هيون جن ۾ هو پهريون ڀيرو وردي ۾ پنهنجي پيءُ سامهون اچي رهي هئي ۽ اهڙن جذباتي منظرن سڀني جي من کي موهي وڌو هو.

حرا جو چوڻ آهي ته کيس فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ جو شوق هو جيڪو پورو نه ٿي سگهيو پر پوءِ هو ڪسٽم آفيسر بڻجي وئي ۽ اهڙي ريت سندس خواب پورو ٿي ويو.

حرا گريجوئيشن کانپوءِ ٽن سالن جي لاڳيتي محنت کانپوءِ چٽا ڀيٽي جو امتحان پاس ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي هئي هو چوي ٿي ته سندس ڪاميابي ۾ هن جي پيءُ جو وڏو هٿ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.