ساهرن ننهن کي ڇت تان ڦٽو ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي علائقي گلشن راوي ۾ مبينا طور تي ساهرن ننهن کي ڇت تان ڦٽو ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب لاهور جي علائقي گلسن راوي ۾ ساهرن گهر جي ڇت تان هيٺ ڦٽو ڪيل عورتن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب متاثرن عورت جي سڃاڻپ مريم جي نالي سان ٿي آهي جنهن بيان جي روشني ۾ ساهرن ۽ سندس مڙس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.
پوليس خدشو ظاهر ڪيو آهي ته مريم نالي عورت آپگهات جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن جي مختلف رخن کان جاچ به ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.